سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 3

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 3

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 3

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-3 (ڪتاب): ’سنڌي لوڪ ڪهاڻيون‘، جلد ٽيون پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي. هن جلد ۾ پرين، ديون، جادوگرن، ڏائڻين ۽ نجومين جون ڳالهيون شامل آهن. هي لوڪ ادب سلسلي جو ٽيويهون (23) ڪتاب آهي، جنهن جو مواد چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏئي، سيپٽمبر 1959ع ۾ مسودو تيار ڪيو ويو ۽ جنوري 1962ع ۾ مسودي جي آخري تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني وئي ۽ ان جو پهريون ڇاپو مارچ 1963ع ۾ شايع ٿيو.
هن جلد ۾ شامل لوڪ ڪهاڻيون ’ڪلاسيڪي قالب‘ واريون آهن، جن جا ڪردار- جن، پريون، ديوَ، ڏائڻيون، ڌوتيون، جادوگر ۽ جادوگرياڻيون آهن، ۽ سندن مقابلي ۾ عام معاشري جا انسان آهن. هن مجموعي ۾ اڪثر ڪهاڻين جو مرڪزي خيال ’ڪشالا ۽ همتون‘ آهي، جيتوڻيڪ ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ٻيا مکيه مقصد پڻ ملن ٿا، جيئن ته:
حق جي فتح (ڪهاڻي نمبر 1)
• جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي (ڪهاڻي نمبر 29)
• همتون ۽ ڪشالا (ڪهاڻي نمبر 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8، 9، 10، 11، 12، 13، 14، 15، 16، 18، 19، 20، 21، 23)
• ڏندڪٿا (ڪهاڻي نمبر (17، 22، 26)
• بخت جي بازي (ڪهاڻي نمبر 24)
• عورت جا مڪر ۽ فريب (ڪهاڻي نمبر 25)
• عورت جو عقل (ڪهاڻي نمبر 27)
• جادوگري (ڪهاڻي نمبر 28)
هن جلد ۾ جملي 29 ڪهاڻيون شامل آهن. هن جلد جو پهريون ڇاپو مارچ 1963ع ۾ ڇپيو، ٻيو ڇاپو سيپٽمبر 1987ع، ٽيون ڇاپو فبروري 1995ع، چوٿون ڇاپو جون 2004ع ۽ پنجون ڇاپو مئي 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڇاپي جي قيمت 90 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو